ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس شڪارپور

ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس شڪارپور: ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس شڪارپور 16 اپريل 1932ع ۾ شڪارپور ۾ ڪوٺائي وئي . هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين مرزا غلام مصطفيٰ ( رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر ) ۽ سيڪريٽري آغا غلام نبي صوفي هئا . ڪانفرنس جي صدارت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ڪئي هئي . ان ڪانفرنس ۾ جيڪي مکيه ٺهراءُ پاس ڪيا ويا هئا ، تن ۾ هڪ ٺهراءُ اهو به هو ته بلوچستان ۾ سنڌي اسڪول کوليا وڃن . هن ڪانفرنس ۾ ڪيترن شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي هئي ، جن ۾ لاڙڪاڻي مان ميان غلام عباس ’جوش ‘ ، ’جان محمد صوفي ’گلشن ‘ ، ڪشنچند بيوس ، پروفيسر رام پنجواڻي ، يارمحمد صديقي ’مشتاق ‘ ، واحد بخش ’عاشق ‘ ، عبدالوهاب ’ناظم ‘ ۽ حاجي محمود شريڪ ٿيا هئا .


لفظ ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس شڪارپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو